سکر : پراڻي سکر جو رهواسي پورهيت انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو،

سکر : پراڻي سکر جو رهواسي پورهيت انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو،ان موقعي تي پورهيت ذاڪر حسين ابڙي پنهنجي پٽ جي مبينا قتل خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجو 12 سالن جو پٽ عيدن ابڙو کي 10 مئي تي ڳلي ۾ ڦاهو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي جنهن جو حفاظتي بند ويجهو ڦاهو ڏنل لاش وڻ سان لٽڪيل مليو هو،هن چيو ته جوابدار زوهيب ڌاريجو،فراز ۽ نبي بخش ڌاريجي منهنجي پٽ عيدن ابڙو سان مبينا جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان انڪار ڪرڻ تي هنن منهنجي پٽ کي ڳلي ۾ ڦاهو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو،ان باوجود به قادر پور ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري،هن آئي جي سنڌ ،ڊي آئي جي سکر ،ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته انهيءَ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو .