سکر پريس ڪلب ۾ شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڏيا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي ۽احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سکر ڊويزن آف جرنلسٽس پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ سکر پريس ڪلب جي صدر آصف ظھير لوڌي۔ شھيد جان محمد مهر جي نياڻي ناياب جان محمد مهر۔ سکر يونين آف جرنلسٽس صدر امداد بوزدار، شهزاد تاباڻي، خالد ٻانڀڻ، احقر علي رضوي، سحرش کوکر، ڪرن مرزا، شائسته کوسو سميت صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي احتجاج ڪندي صحافي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 11 مهينا گذري ويا آهن پر شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ناهن ٿيا جنهن سبب صحافي پريشان آهن ڪيترائي مهينا لاڳيتو احتجاج ڪيو ۽ سنڌ حڪومت ۽ پوليس کاتي کان مطالبو ڪيو پر قاتلن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي۔ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل به هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿيا واقعي ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري ماسٽر مائينڊ ظاهر ڪيو وڃي پر پوليس ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهي آهي، صحافين سنڌ حڪومت ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر ۽ شھيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻي شھيدن جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي.