نگران وڏي وزير جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي ڪمشنر سکر ڊويزن سميع الدين صديقي جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ڪلين ۽ گرين سکر جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي دوري دوران سکر شهر کي سرسبز ۽ صاف سٿرو ڏسڻ وارين جاري ڪيل هدايتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪلين اينڊ گرين سٽي مهم 03-نومبر 2023ع کان شروع ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ سمورا ڊپٽي ڪمشنرز ضلعي سطح تي 10-11-2023ع تي مهم جي پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪري ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪندا. ڪمشنر سکر ڊويزن سميع الدين صديقي 100 سيڪڙو وڻ پوکڻ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنرز مهم جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڻڪاري جي ڪم جو دورو ڪري رپورٽ پيش ڪن. ڊويزنل فاريسٽ آفيسر (سوشل فاريسٽري) اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي ٻيلي کاتي پاران لڲاپيل ڊپٽي ڪمشنرز کي چار لک (400,000) ٻوٽا فراهم ڪيا ويندا. جنهن ۾ گهوٽڪي کي (150,000 ٻوٽا، خيرپور کي 150,000 ۽ سکر ضلعي کي 100,000 ٻوٽا فراهم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ٻين کاتن کي 515,590 ٻوٽا ۽ 54,100 گملا وڻ پوکڻ جا هدف مقرر ڪيا ويا جن ۾ چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ 100,000 ٻوٽا، چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ آپريشن ۽ مينٽيننس 50,000 شامل آهن. ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ۽ جانورن جي پالنا واري کاتي کي 700 ٻوٽا، ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ونگ کي 60000 ٻوٽا. سائيٽ سکر 5000 ٻوٽا. ڊويزن ۾ وڻ پوکڻ ۾ سوشل ويلفيئر کاتي جا 10 هزار ٻوٽا، اسپورٽس ڪامپليڪس 10 هزار ٻوٽا، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر 6 هزار ٻوٽا، فوڊ ڊپارٽمينٽ 15 هزار، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سيڪنڊري ايجوڪيشن 50 هزار ٻوٽا ۽ ٻيا ادارا حصو وٺندا. جڏهن ته ميونسپل ڪمشنر فلاور شو جو پڻ انتظام ڪندا. ڪمشنر سکر ڊويزن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته ميرپور ماٿيلو کان ڪيڊٽ ڪاليج گهوٽڪي تائين نيشنل هاءِ وي جي مرمت کي يقيني بڻائي ۽ خيرپور کان سکر ۽ ايئرپورٽ کان سکر شهر تائين روڊ کي صاف سٿرو رکيو وڃي. اجلاس ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ سمورن لاڲپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.