سکر : گرين مرچنٽس ايسوسيئيشن سکرجي جنرل سيڪريٽري شبير ميمڻ پنھجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته موجوده ملڪي معاشي حالات م وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي سبب عام ماڻھون سان گڏ و گڏ تاجر برادري به سخت پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي معاشي حالات جي سبب روز مرھ جا اخراجات پورا ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي ۽ ھن مھانگائي جا ذميوار اسان جا حڪمران آھن ملڪ جي تاجر برادري حڪومت جي پاليسين کان شديد متاثر ٿي آهي حڪومت جي ناقص معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ جي تجارت ۽ صنعت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ان سلسلي ۾ ڪاروباري طبقي موجوده ملڪي معاشي صورتحال کي تجارت واپار ۽ سرمايه ڪاري لاء خطرناڪ قرار ڏنو آهي شبير ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سفيد پوش طبقي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي جنھن سبب واپاري تاجر برادري ذھني ء نفسياتي بيمارين م مبتلا ٿي ويا آھن اٽو ، کنڊ ، گيھ ، پيٽرول ۽ دوائن جا ريٽ عوام ۽ خصوصاً ننڊا دوڪاندار نقصان کڻي رھيا آھن ، ۽ غريب ماڻھون ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ پريشان ٿي ويو آهي حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ، بيروزگاريءَ جي ڪري غريب ماڻھون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ٻي پاسي ڏوھن م پڻ اضافو ٿيو آهي گرين مرچنٽس ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري شبير ميمڻ مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته خدارا مھانگائي تي ضابطو اندو وڃي عام ماڻھون ۽ تاجر برادري جا مسئلا حل ڪرڻ سان ئي ملڪ پنھجي پيرن تي بيهي سگھي ٿو ۽ ملڪي معيشت م بھتري اچي سگھي ٿي۔