سکر ۾ وڻن جي کوٽ سبب گرمي پد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي،

سکر ڊولپمينٽ فورم پاران ٻوٽا پوکيا ويا، بيراج روڊ جي شاهراهه رستن تي ٽاري، نيم، چنبيلي، گلاب جا گل لڳايا ويا، سکر ٻيلي کاتي جي آفيسرن جي سهڪار سان ٻوٽن جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اين جي اوز جي اڳواڻن شڪيل ميمڻ. ان موقعي تي لطيفي ميمڻ، جميل ايوب مهر، ڪريم بخش شيخ، غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلبر خان ميراڻي، ميڊم دلشاده، ميڊم راحيلا شيخ، طالب حسين مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهري هن ڪم ۾ نيڪ نيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن. روڊن ۽ رستن تي وڻ پوکڻ جو ڪم ڪيو وڃي ۽ وقت جي تمام ضرورت آهي،.