سکر ۾ ڪي ايف سي تي حملي ۾ ملوث 8 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي سوشل ميڊيا وڊيوز جي مدد سان وڌيڪ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي۔ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ پاڻ واقعي واري هنڌ پهتو، واقعي جو تفصيلي معائنو ڪيو، پوليس آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا جنهن تي عمل ڪندي پوليس ڪي ايف سي کي چئني پاسن کان گھيري ورتو ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي ان موقعي تي ايس ايس پي سکر جو چوڻ ھو ته ملوث شرپسندن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ايس ايس پي سکر عابد بلوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جا مختلف علائقن ۾ ڇاپا جاري آهن۔ڪي ايف سي ٻاهران پڻ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آھي واضح رهي ته سکر جي مليٽري روڊ تي قائم فاسٽ فوڊ سينٽر ڪي ايف سي تي مڇريل ماڻھن فائرنگ ڪري ڪي ايف سي ۾ ڀنڃ ڊاھ ڪندي نقصن پهچايو ۽ ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪلن کي به نقصان پهچايو پوليس جي پهچڻ تي پوليس مٿان به حملو ڪيو جنهن سبب هڪ اهلڪار جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن۔هوڏاهن آباد ٿاڻي تي 60 ماڻھن خلاف ايف آء آر داخل ڪئي وئي آھي