سکر ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس گهٽا ڏئي نوجوان زال کي قتل ڪري ڇڏيو. قريشي ڳوٺ واري علائقي ۾ جوابدار مڙس صحيب شيخ پنهنجي نوجوان زال سلميٰ شيخ کي گهرو اڻبڻت تن گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ قتل ٿيل عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.ان حوالي سان مقتوله عورت جي وارثن چيو آهي ته جوابدار صحيب شيخ سلميٰ کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٽنگي ڇڏيو هو، اسان جي ڌيءَ کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.ئي پاسي پوليس جوابدار صحبت شيخ سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.