سڪرنڊ: سنڌ مارچ دوران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪرنڊ ۾ سنڌ مارچ جلسي کي خطاب بعد سيد زين شاهه جي طبيعت خراب ٿي وئي جتان سيد زين شاهه کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران کيس ڪراچي اسپتال منتقل ٿيڻ جو مشورو ڏنو ويو، جنھن بعد ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاهه پنھنجي ڀاءُ سيد ضياءُ شاهه سان گڏ ڪراچي روانو ٿي ويو آهي.ئي پاسي وڌندڙ مھانگائيءَ، ڊيجيٽل آدمشماري، بدامني خلاف سکر کان نڪتل پيادل سنڌ مارچ روشن ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ جاري رهندو ۽ سيد زين شاهه طبيعت ٺيڪ ٿيڻ بعد ٻيهر جوان ڪندو.