سرھاڙي ويندڙ روڊ ٻاٺو شخ وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر نتيجي ۾ ٽي پورھيت ڀائر 18ورھين جو شمن خاصخيلي ولد شاھ محمد خاصخيلي، 40 ورھين جو گلشير ولد شاھ محمد خاصخيلي، 24 ورھين جو منور ولد شاھ محمد خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏھن ته آصف ولد شاھ محمد خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ھمدرد فري ايمبولينس ذريعي فوتين ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، جتي زخمي آصف خاصخيلي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري نواب شاھ اسپتال نيو ويو آھي ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته فوتي ۽ زخمي سڳا ڀائر آھن جيڪي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نبي بخش خاصخيلي جا رھواسي آھي پورهيت صبح سوير موٽرسائيڪل تي ڪيلي جي مزدوري لاء وڃي رھيا ته حادثو پيش آيو۔ واقعي کان پوءِ فوتين جا لاش گھرپھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو آھي ٻئي پاسي ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي. سڪرنڊ پوليس ٽرڪ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي