سڪيورٽي فورسز آپريشن ۾ ڪامياب ٿي دشمنن جا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا

تفصيل موجب سڪيورٽي فورسز مردان جي علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي انتهائي گهربل دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، خيبر مان بارودي مواد، خودڪش جيڪٽس ۾ استعمال ٿيندڙ ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونيٽرز ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا، مارجي ويل دهشتگرد پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا هئا. پشاور ۾ وڏي آپريشن جي منصوبابندي ڪئي وئي پر ڪامياب آپريشن کانپوءِ سڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردن جي ڪاررواين کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، آپريشن ذريعي دشمن جا عزائم تباهه ڪري ڇڏيا، پاڪ فوج ملڪ دشمنن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي ۽ پاڪ فوج جون ڪارروايون جاري رهنديون. آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين فوج جاري رهندي.