رياض ۾ گلوبل هارموني ايونٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته رضوان جي ڪپتاني ۾ ٽيم ڪاميابيون حاصل ڪندي. هن چيو ته ڀارت راولپنڊي ۾ ميچ کيڏڻ چاهي ٿو. ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي ڪپتاني تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو. رپورٽن مطابق رياض ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ چيو ته محمد رضوان کي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بڻجڻ تي خوشي آهي، هو سمارٽ ڪرڪيٽر آهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته محمد رضوان جتي به ڪپتاني ۾ ڪامياب ٿيو، اميد آهي ته هو قومي ٽيم ۾ به ڪامياب ٿيندو، سندس ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيان، ناڪامي وڌيڪ سيکاريندي آهي ۽ ڪاميابي ئي اوهان جو دماغ خراب ڪندي آهي. واضح رهي ته تازو ئي محمد رضوان کي ون ڊي ۽ ٽي 20 فارميٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته آغا سلمان کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.