شادي لارج ڀرسان ڳوٺ ناٿو ليل ۾ زمين جي تڪرار تان ليل برادري ۽ سمان برادري ۾ جهيڙو هڪٻئي تي آمهون سامهون فائرنگ، جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڪلوئي پوليس ڪمانڊوز جي مدد سان ڇھ ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو فوتين ۾ ٻنھي ڌرين جا ٻه ڄڻا راجا ليل ۽ دودو سمون شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ رحيم بخش سمون ڏاتر ڏنو ليل حسين ليل شامل آهن ڪلوئي، مٺي، ڏيپلو ۽ وڄوٽو کان پوليس پهچي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو، پوليس طرفان ڳوٺ ڀرسان تڪراري ٻني تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي ان حوالي سان ليل برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي اسان جي زمين تي سمان برادري قبضو ڪري هٿيارن جا منهن کولي اسڪولي شاگرد کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي