ترجمان دفتر خارجہ ممتاز زھرا بلوچ جو چوڻ آهي ته شام جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، پاڪستانين جي سهولت لاءِ پرڏيهي وزارت ڪرائسز مينيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستاني شهري ۽ انهن جا خاندان ٽيليفون ۽ اي ميل ذريعي هن يونٽ سان رابطو ڪري سگهن ٿا.ترجمان موجب، فون نمبر 051-9207887 ۽ اي ميل cmu1@mofa.gov.pk تي رابطو ڪيو وڃي. ممتاز زھرا بلوچ وڌيڪ ٻڌايو ته دمشق ۾ پاڪستان جو سفارتخانو پنهنجي شهرين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي سرگرم آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني شهري دمشق ۾ موجود سفارتخاني سان واٽس ايپ ۽ اي ميل ذريعي به رابطو ڪري سگهن ٿا. واٽس ايپ نمبر 927138990963 ۽ 822127987963 تي رابطو ڪيو وڃي. ان کان علاوه، دمشق ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان اي ميل parepdamascus@mofa.gov.pk ذريعي به رابطو ڪري سگهجي ٿو.