شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پريس رليز جاري ڪندي ڄاڻايو آھي

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پريس رليز جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو اسلام آباد جي تازي سرڪاري دوري دوران مختلف ادارن جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. پھريون اجلاس پاڪستان نيشنل ڪميشن فار يونيسڪو جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر تنوير ڪياني ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ثمرين منگي سان منعقد ٿيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر يونيورسٽي استادن ۽ شاگردن لاءِ مختلف تربيتي پروگرامن ۽ ايوارڊز بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته يونيورسٽي جا استاد ۽ شاگرد جديد تحقيق جي صلاحيت رکن ٿا. ڊاڪٽر تنوير ڪياني وائيس چانسلر کي يقين ڏياريو ته ٻنھي ادارن جي وچ ۾ گڏيل تحقيق کي فروغ ڏنو ويندو. ھن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن کي مارشل آرٽ جي ميدان ۾ ايوارڊ ڏنا ويندا. ٻيون اجلاس ڊائريڪٽر پاڪستان ايجوڪيشن ۽ ريسرچ نيٽورڪ (پرن) ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد نويد طاھر سان منعقد ٿيو. اجلاس دوران وائيس چانسلر نويد طاھر کي يونيورسٽي جي موجوده ڊيٽابيس سينٽر بابت ڄاڻ ڏني. ھن چيو ته شديد برسات جي نتيجي ۾ يونيورسٽي جي ڊيٽابيس سينٽر کي سخت نقصان پھتو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور اتر سنڌ جي غريب عوام کي تعليم ۽ تحقيق جون بھتر سھولتون فراھم ڪري رھي آھي. ان موقعي تي نويد طاھر وائيس چانسلر کي يقين ڏياريو ته ڊيٽابيس سينٽر جي نئين سر تعمير لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. ٽيون اجلاس ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي ڪوالٽي ايشورنس ڊويزن جي ڊائريڪٽر منير احمد ميرجت ۽ ڪوالٽي ايشورنس ايجنسي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امتياز علي لکڻ سان منعقد ٿيو جنھن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي مختلف شعبن ۾ ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام شروع ڪرڻ لاء نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي دوران وائيس چانسلر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ھائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي معيار تي مڪمل طور عمل ڪري رھي آھي.پوسٽ گريجوئيٽ رويو پروگرام (پي جي آر پي) جي ٽيم جي تازي دوري دوران يونيورسٽي پاران ٽيم سان ڀرپور تعاون ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ پي جي آر پي رپورٽ تي مڪمل عمل درآمد ڪيو ويو آهي ۽ اھا رپورٽ پڻ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪلي وئي آھي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪوالٽي ايشورنس ڏويزن وائيس چانسلر کي يقين ڏياريو ته جائزه رپورٽ جي روشني ۾ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا.