شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم ايس شاگردن جو تحقيقاتي سيمينار
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي ايم ايس شاگردن طرفان هڪ تحقيقاتي سيمينار ملٽي پرپز هال، نيو اڪيڊمڪ بلاڪ ۾ منعقد ٿيو.
ايم ايس ريسرچ اسڪالر جناب فرحان علي نوناري “سنڌ صوبي جي سکر ڊويزن ۾ صحافين جا مسئلا: صحافتي اتحاد جو ڪردار” جي موضوع تي سيمينار پيش ڪيو، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر صاحب خان اوڏ ڪئي، جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الرحمان ابڙو ڪو سپروائيزر هو.
سيمينار جي صدارت فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري ڪئي. ڊين سيمينار کي علمي گفتگو ۽ جدت جي فروغ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو ته اهڙن سيمينارز جو انعقاد صحافتي مسئلن سميت نازڪ سماجي موضوعن تي تحقيق ۽ ڄاڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
سيمينار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ ان ۾ وڏي انگ ۾ استادن، اسڪالرن، ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. خاص طور تي پروفيسر ڊاڪٽر وحيد بخش جتوئي، اسسٽنٽ پروفيسر احمد ميمڻ، شفقت چاچڙ، مسٽر حئي بلوچ، ۽ الطاف حسين ابڙو شامل هئا، جن سيمينار جي علمي ماحول کي وڌيڪ هٿي ڏني.
اهڙي قسم جا سيمينار صحافت ۽ سماجي مسئلن کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.