تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائيفر ڪيس ۾ اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ جي فورن بعد جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي راولپنڊي پوليس شاهه محمود قريشي کي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، پوليس جي وڏي نفري شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان کڻي رواني ٿي وئي ۽ کيس نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو پوليس ذريعن موجب شاهه محمود قريشي خلاف 9 مئي سانحي ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ کي اڄ يا سڀاڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو ويندو. راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر حسن وقار چيمه شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم به ملتوي ڪري ڇڏيا، پوليس اختيارين ڊي سي راولپنڊي کان شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي. شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نظربندي جو حڪم ختم ٿيڻ تي جيل مان آزاد ڪرڻ کان پوءِ شاهه محمود قريشي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي کي 3 ايم پي او جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. ضروري ڪارروائي کان پوءِ شاهه محمود قريشي کي ٻيهر اڊيالا جيل آندو ويندو. گرفتاري وقت بڪتر بندگاڏي تي بيهي خطاب دوران شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي سپريم ڪورٽ ضمانت تي آزاد ڪيو پر هي ظلم آهي، مون کي قوم جي خدمت ڪرڻ تي سزا ڏني پئي وڃي شاهه محمود قريشي جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر رد عمل ڪندي چيو ته شاهه محمود قريشي اسان جي پارٽي جو اهم ميمبر آهي سندس گرفتاري جو معاملو سپريم ڪورٽ کي ڏسڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ضمانت ڏني آهي ۽ عام چونڊون صاف شفاف ٿيڻ جي لاءِ ضروري آهي ته گرفتاريون نه ڪيون وڃن بيرسٽر گوهر چيو ته شاهه محمود قريشي کي اڳ به ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو هاڻ ٿري ايم پي او جي گنجائش نه آهي. ٿري ايم پي او بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ايم پي او ان لاءِ جاري ڪيو ويندو آهي ته نئون ڪيس ٺاهڻ تائين نظر بند رکيو وڃي. عدليه کان گذارش آهي ته ماڻهن جي حفاظت يقيني بنائي.