بنگلاديشي صدر شهاب الدين پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب شاگردن اڳواڻن پارليامينٽ ٽوڙڻ جي لاءِ صدر کي 3 وڳي تائين جي ڊيڊ لائن ڏني هئي. شاگردن بنگلاديشي صدر کان مطالبو ڪيو هو ته هو 3 وڳي تائين پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ۽ سندن ڏنل نالن تي ٻڌل عبوري حڪومت ٺاهي وڃي ٻئي صورت ۾ هو سخت قدم کڻندا جنهن کان پوءِ صدر اڄ آرمي چيف سميت فوجي قيادت سان مختلف ملاقاتن کان پوءِ اسيمبلي کي اڌ ڪلاڪ پهريان ئي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسيمبلي ٽوڙڻ جي اعلان کان پوءِ شاگردن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي، شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن صدر جي اهڙي قدم جي تعريف ڪندي مطالبو ڪيو ته حڪومت جي لاءِ ماهر معاشيات ڊاڪٽر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر مقرر ڪيو وڃي. ٻئي طرف بنگلاديش نيشنل پارٽي جي ترجمان اي ڪي ايم وحيدالزمان پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته صدر جي حڪم کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اپوزيشن اڳواڻ خالده ضياءَ کي به آزاد ڪيو ويو آهي.