شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۽ گورنمينٽ ڪاليج فار وومين خيرپور ۾ اي ڊي (آرٽس، سائنس، ڪامرس، هوم اڪنامڪس) پهرئين سال جي سالياني امتحانن جو دورو ڪيو. امتحانن ۾ اميدوارن لاءِ مختلف بلاڪ ٺاهيا ويا. ان موقعي تي اميدوارن سان ڳالھائيندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ معياري تعليم سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاء تمام ضروري آهي. ترقي يافتہ قومون معياري تعليم جي ڪري ترقي ڪن ٿيون. هن امتحانن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي ھدايت ڪئي تہ هو پنهنجيون توانائيون تعليمي جي حاصلات لاءِ وقف ڪن. هن امتحاني اميدوارن تي زور ڏنو تہ هو امتحانن دوران ڪاپي ڪلچر کان پاسو ڪن. وائيس چانسلر امتحانن جي پرامن انعقاد لاءِ ڪيل انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. سيد مهدي شاه راشدي، ڪنٽرولر امتحانات ، پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو ريجنل صدر سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچررز ايسوسيئيشن (سپلا)، پروفيسر لال بخش سوهو پرنسپال گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور، پروفيسر مقصود ڀٽي پرنسپال گورنمينٽ ڪاليج فار ويمن خيرپور، زوهيب شفقت ميمڻ سيڪريٽري وائيس چانسلر ۽ ٻيا پڻ وائيس چانسلر سان گڏ هئا.