شهباز شريف جي آصف زرداري سان ملاقات، بجيٽ منظوري تي حمايت طلب ڪري ورتي

صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ منظوري بابت صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کان مڪمل حمايت طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال ۽ معاشي معاملن تي به غور ڪيو ويو. ٻڌايو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي بجيٽ کان اڳ اڄ شام جو پارليامينٽ هائوس ۾ گڏجاڻي ٿيندي. پيپلز پارٽي جي اجلاس کان اڳ صدر آصف زرداري سان وزيراعظم جي ملاقات انتهائي اهميت جوڳي آهي.