شهباز شريف وزيراعظم هائوس خالي ڪري ڇڏيو، ذاتي سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويو

نگران وزيراعظم جي مقرري کان پوءِ شهباز شريف وزيراعظم هائوس خالي ڪري ڇڏيو آهي بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي سمري تي صدر عارف علوي به صحيح ڪري ڇڏي آهي نگران وزيراعظم جي مقرري کان پوءِ شهباز شريف وزيراعظم هائوس خالي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو ذاتي سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويو شهباز شريف وڃڻ کان اڳ وزيراعظم هائوس جي عملي سان الوداعي ملاقات ڪئي. ذريعن موجب شهباز شريف کي سڀاڻي وزيراعظم هائوس ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويندو ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ملي ويو آهي سندس رهائشگاهه تي پروٽوڪول جا دستا پهچي ويا آهن. ذريعن ٻڌايو ته نگران وزيراعظم جي حلف برادري تقريب 14 آگسٽ تي ٿيندي.