شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان مبارڪباد

شهباز شريف کي پاڪستان جو 24هون وزيراعظم چونڊجڻ تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مبارڪباد ڏئي ڇڏي آهي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پاڪستان جي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ان کان اڳ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، ترڪ صدر طيب اردوان ۽ ايران جي صدر طرفان به شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني وئي ياد رهي ته شهباز شريف گذريل ڏينهن پاڪستان جي 24هين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ ٻيون ڀيرو انهي عهدي تي فائز ٿيو آهي. ان کان اڳ پي ڊي ايم اتحاد ۾ هو تقريبن 16 مهينا وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهيو.