بٽگرام ۾ پاشتو جي هنڌ تي چيئرلفٽ ۾ ڦاٿل 8 ڄڻن کي رسيڪيو ڪرڻ تي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اهو هڪ مشڪل، صبر جي آزمائش ۽ عضون کي ٿڪائيندڙ ريسڪيو آپريشن هو جي او سي ۽ ايس ايس جي ٽيم کي سلام پيش ڪريون ٿا هن چيو ته مقامي آبادي انتظاميه جي جهڙي طرح مدد ڪئي اها ڀائيچاري جي اعليٰ مثال آهي اهو واقعو سبق به آهي ته اهڙن علائقن ۾ ٻارن جي تعليم ۽ انفرا اسٽرڪچر جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي شهباز شريف چيو ته لاڳاپيل علائقن ۾ چيئرلفٽس جو هنگامي طور معائنو ۽ مرمت ڪرائي وڃي. ٻئي طرف (ن) ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته اسپيشل سروسز گروپ جي ٽيم پاڪ فوج ۽ مقامي انتظاميه جو قوم ٿورو ادا ڪري ٿي، اوهان شاباش جا مستحق آهيو مريم نواز وڌيڪ چيو ته ٻارن جي والدين کي خاص طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. ان کان علاوه حمزه شهباز چيو ته قوم هن بهادر جوانن تي ناز ڪري ٿي جنهن پنهنجي حياتي تي کيڏي هن جابلو علائقن ۾ ريسڪيو ڪيو.