شهدادپور ۾ افغان پناهگيرن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري، 2 افغاني پناهگير گرفتار

شهدادپور ۾ افغان پناهگيرن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري، پوليس ٻن افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي شهدادپور پوليس ٽنڊوآدم چوڪ تان ٻن افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي پوليس موجب ٽنڊوآدم چوڪ تان ٻن افغاني پٺاڻن ڪريم پٺاڻ ۽ ثناءُالله پٺاڻ کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي ياد رهي ته ته ڪجھ ڏينھن اڳ شھدادپور پوليس ريلوي اسٽيشن وٽان ٻن افغانين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ھو جنهن کان پوءِ شھدادپور مان گرفتار ڪيل افغانين جو انگ چار ٿي ويو آھي ٻئي پاسي شھر اندر وڌيڪ افغاني سھولتڪارن جي آشيرواد سان وڌيڪ افغانين جي ھجڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن.