شھدادپور ڀرسان شاھپورچاڪر ٿاڻي جي حد چؤدگي اسٽاپ تي نواز چاچڙ جي سرن جي بٺي تي ھٿيار بندن ڪاھ ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڀاء قتل جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. چودگي اسٽاپ وٽ قائم سرن جي ٻٺي تي مزدوري ڪندڙ ڪي پي ڪي کان آيل پورھيت 20 ورھين جو نوجوان امان الله پٺاڻ ٿڏي تي گوليون لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو جڏھن تہ سندس ڀاء عطاءُ الله پٺاڻ زخمي ٿي پيو وارثن ٻڌايو ته حملو ڪندڙ بھاول خان پٺاڻ، حضرت خان پٺاڻ، جنت خان پٺاڻ، گل رحمان پٺاڻ ڪي پي ڪي کان ھتي پھچي نوجوان امان الله کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. شاھپورچاڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي وڌيڪ معلوم ٿيو آھي تہ قتل ٿي ويل نوجوان امان الله خان پٺاڻ ڊيرا اسمائيل خان ڪي پي ڪي مان پيار جو پرڻو ڪري شھدادپور تعلقي جي چودگي اسٽاپ تي سرن جي ٻٺي تي مزدوري ڪري رھيو تہ امان الله سان پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري جا وارث ڊيرا اسمائيل خان ڪي پي ڪي مان ھتي پھچي شادي ڪندڙ امان الله خان پٺاڻ کي قتل ڪيو ۽ سندس ڀاء عطا الله پٺاڻ کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن واقعي واري ھنڌ شاھپورچاڪر پوليس جو انسپيڪٽر افتخار چانڊيو پھچي لاش تحويل ۾ وٺي زخمي کي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.