شهدادپور ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن جي گهر مان ڦر، مزاحمت تي زال مڙس قتل، ننهن زخمي

شھدادپور ۾  3 نامعلوم ھٿياربند ڏينھن ڏٺي جو  گھر ۾ داخل ٿي ڦر ڪئي، ڦر دوران عورتن کي پاتل سونازيور ۽ واليون پٽي لاھڻ تان  مزاحمت تي  سڌيون گوليون ھڻي  زال مڙس  کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ننھن زخمي ٿي پئي. شھدادپور شھر جي جٽيا پاڙي ۾ ڏينهن ڏٺي جو 3  نامعلوم ھٿياربند سرور راجپوت جي گھر اندر داخل ٿي ھٿيار تاڻي ڦر ڪرڻ دوران عورتن کي پاتل  سونا زيور ڪنن ۾ پاتل  واليون, زوري  پٽي لاھڻ تان سخت  مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن  گھر ڀاتين تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني.  فائرنگ ۾  سرور راجپوت  سندس زال ڪوثر راجپوت  قتل ٿي ويا  جڏهن ته سندن ننھن سميرا  راجپوت  زخمي ٿي پئي، ھٿياربند ڦورو  گھر مان سونا زيور عورتن کي پاتل زيور  ڪنن مان لاھي  کڻي آساني سان فرار ٿي ويا. فوتي زال مڙس جا لاش  ۽ زخمي ننھن کي سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو  جتي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناھي ڏينهن ڏٺي جي 3 نامعلوم ھٿياربند ڦورو گھر اندر داخل ٿي ڦر ڪئي جنهن دوران عورتن کي پاتل سونازيور ڪنن ۾ پاتل سونا والا واليون ۽ ٻيو سون زوري پٽي لاھڻ تان مزاحمت ڪرڻ تي  ھٿياربندن سڌيون گوليون ھلائي زال مڙس کي قتل ڪيو  جڏهن ته ھڪ عورت کي زخمي ڪري آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. زخمي سميرا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي, جڏھن تہ پوليس جو چوڻ آھي تہ جٽيا پاڙي ۾ راجپوتن جي جھيڙي ٿيڻ جا اطلاع آھن ڦر جي خبر ناھي وڌيڪ جانڇ ڪري رھيا آھيون.