شيخ رشيد نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته قلم ۽ ڪاغذ تي چونڊ وڙهندس، اسان صرف ٻن سيٽن تي پنڊي جي سياست ڪندا آهيون. چونڊون ڪهڙيون به هجن مشڪل ته هونديون آهن هن چيو ته مان 3 تڪن تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندس، ٻن تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺندس. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ چونڊ مهم جي شروعات ڪندس، چونڊ مهم لال حويلي کان شروع ڪندس ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ چوڌري محمود شيخ رشيد جي خلاف ڀڇ ڊاهه ۽ احتجاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سردار شهباز ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت حاضري لڳائڻ کان پوءِ شيخ رشيد کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ياد رهي ته اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.