شيخ رشيد گمشدگي ڪيس: پوليس کي 26 آڪٽوبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي گمشدگي واري ڪيس ۾ عدالت پوليس کي شيخ رشيد کي 26 آڪٽوبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان ڪئي. جنهن ۾ پوليس بازيابي جي لاءِ وڌيڪ مهلت جي استدعا ڪئي عدالت پوليس طرفان شيخ رشيد احمد جي بازيابي لاءِ وڌيڪ مهلت جي استدعا منظور ڪندي 26 آڪٽوبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آر پي او طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته سي پي او ايس ايس پي آپريشن ۽ پوليس آفيسر شيخ رشيد جي گرفتاري ۾ ملوث نه آهن هن ٻڌايو ته بازيابي جي لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي ته ڪجهه وقت ڏيو بازياب ڪرائي وٺنداسين. عدالت چيو ته ايندڙ تاريخ تائين اڳوڻي گهرو وزير کي بازياب ڪرايو ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.