پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شير افضل مروت جي معاملي تي ٻن اهم اڳواڻن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي اجلاس دوران شبلي فراز ۽ اسد قيصر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اسد قيصر چيو ته شير افضل جي سياسي ڪميٽي مان بيدخلي پارٽي سان زيادتي آهي. شبلي فراز اسد قيصر کي جواب ڏيندي چيو ته پارٽي پاليسي معاملن تي ڳالهائيندڙ اوهان ڪير ٿيندا آهيو؟ اوهان کي پارٽي ۾ ايندي ڪجهه سال ٿيا آهن. مان 1995ع کان پي ٽي آءِ باني سان گڏ آهيان. اسد قيصر چيو ته ڪميٽي کي جهڙي طرح شير افضل مروت جي خلاف استعمال ڪيو ويو اها زيادتي آهي. ان دوران شبلي فراز معذرت ڪئي پر اسد قيصر، شبلي فراز جي رويي تي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ڇڏي واپس روانو ٿي ويو.