شينهن ۽ تير جي وچ ۾ اها شادي ٽئين طاقت زبردستي ڪرائي آهي: حافظ حمدالله

جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته تير ۽ شينهن جي وچ ۾ اها شادي ٽئين طاقت زبردستي ڪرائي آهي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي حافظ حمدالله چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان پڇي وٺو اهو انهي شادي مان خوش نه آهي، جي يو آءِ جو پيغام چٽو آهي اسان في الحال پارليامينٽ وينداسين پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ڪردار ادا ڪنداسين ۽ ٻاهر به سسٽم جي خلاف تحريڪ هلائينداسين هن چيو ته معاهدو ته اهو ٿيڻو هو ته بيروزگاري ۽ مهانگائي جو خاتمو ڪنداسين پر اتي بدقسمتي سان اقتدار ۽ ڪرسين جي ورهاست جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ پاور شيئر ڪئي جنهن ۾ عوام جي لاءِ هڪ لفظ نه هو جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته اسان جي پارٽي اهڙي قسم جي حڪومت جو حصو نه بڻجندي، جيڪا حڪومت انهن ٺاهي آهي اها صرف اقتدار جي لاءِ آهي. قوم جي ترقي لاءِ نه آهي. ٻئي وڏيون پارٽيون ڪالهه اقتدار ۾ نه هيون ته چونديون هيون ته ڌانڌلي ٿي. اڄ اقتدار ۾ وڃي رهيون آهن ته چون ٿيون ته ڌانڌلي نه ٿي آهي. سياسي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ شفاف چونڊن جو ٿيڻ ضروري هو حافظ حمدالله وڌيڪ چيو ته چونڊن کان اڳ اسان جيڪو ٻڌي رهيا هئاسين چونڊن کان پوءِ به اهوئي ٿيو. صاف ۽ شفاف چونڊون ته ٿيون ئي نه آهن ان لاءِ اسان تحريڪ هلائينداسين.