شڪارپور: هٿياربند سوئي گئس جي چوڪيدار کي ساٿي سميت اغوا ڪري ويا

شڪارپور شهر ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، رستم ڀرسان سوئي گئس جي چوڪيدار کي ساٿي سميت هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا. رپورٽ موجب شڪارپور روڊ تان هٿياربند سوئي گئس جي ملازم عبدالستار ۽ گلشير سيٺار کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن وارثن طرفان پوليس کي اغوا جو اطلاع ڏنو ويو آهي پر اڃان تائين مغوين جي باري ۾ ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي، ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو ان حوالي سان مغوين جي وارثن ٻڌايو آهي ته اسان مغوين کي سحري ڏيڻ لاءِ پهتاسين ته اهي اتي موجود نه هئا سندن سامان مليو آهي، شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي حڪومت کي گهرجي ته ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي علائقي کي ڪڙو چاڙهي مغوين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جلد ڪاميابي ملندي.