شڪارپور : ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ: 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

شڪارپور : ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا آهن شڪارپور جي سڪ پل واري علائقي ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا محمد بخش بروهي ۽ فرمان چنو ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته واٽهڙو اشوڪ ڪمار ۽ جوگيش ڪمار زخمي ٿي پيا پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ فرمان چنا ۽ محمد بخش بروهي طور ٿي آهي، جڏهن ته اشوڪ ڪمار ۽ بوديش ڪمار زخمي ٿي پيا هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. جڏهن ته فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون مارجي ويل محمد بخش بروهي جي وارثن موجب سندراڻي ڌر سان زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ آهي جنهن تان واقعو پيش آيو آهي.