شڪيل خان جي ڪابينه ۾ برطرفي کان پوءِ پي ٽي آءِ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، عمران خان طرفان ڪاوڙ جو اظهار

اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان جي خيبرپختونخواهه ڪابينه مان برطرفي کان پوءِ تحريڪ انصاف ۾ اختلافن کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان ڪاوڙ جو  اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان شڪيل خان جي حق ۾ بيان ڏيندڙ قومي اسيمبلي ميمبر عاطف خان ۽ جنيد اڪبر کي طلب ڪري ورتو آهي، ٻنهي اسيمبلي ميمبرن جي ايندڙ هفتي پي ٽي آءِ باني سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات جو امڪان آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت پي ٽي آءِ باني کي عاطف خان ۽ جنيد اڪبر جي حوالي سان شڪايت ڪئي آهي، عاطف خان ۽ جنيد اڪبر هٽايل وزير شڪيل خان جي حق ۾ بيان ڏنو هو ۽ شڪيل خان جي برطرفي جي فيصلي تان اختلاف ڪيو هو. ٻئي طرف نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات کاتي جي صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني پارٽي ۾ گروپ بندي جو تاثر ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، بيرسٽر سيف تصديق ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان عاطف خان ۽ جنيد اڪبر کي ملاقات جي لاءِ اڊيالا جيل گهرايو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه جي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتي جي وزير شۡيل خان پنهنجي  ئي پارٽي  جي خيبرپختونخواهه حڪومت تي ڪرپشن جا الزام لڳائي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو هو پر وڏي وزير ڪي پي ڪي علي امين گنڊاپور چيو هو ته شڪيل خان استعيفيٰ نه ڏنو آهي پر انهي کي هٽايو ويو آهي.