شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳايل احتجاجي ڪئمپ تي ومنز ايڪشن فورم اڳواڻن جي شرڪت

وائيس آف راڻيپور پاران معصوم نينگري پريا ڪماري ۽ سنڌ مان اغوا ڪيل سڀني مغوين جي بازيابي شھيد فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي سزا توڙي شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳايل احتجاجي ڪئمپ تي وومنز ايڪشن فورم جي اڳواڻ عرفانا ملاح، امر سنڌو، نصرت شاهه، نجمان پھنور ۽ ٻين عورتن پُھچي کيس ڪيمپ تي معصوم نينگري پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي ان موقعي تي عرفانا ملاح ۽ عمر سنڌو ڳالھائيندي چيو ته سنڌ مان امن جو پکي اُڏامي ويو آھي، سنڌ پوليس 27 مھينا گذرڻ باوجود معصوم نينگري پريا ڪماري کي بازيا ناھي ڪرائي سگھي ۽ سکر شھر ۾ 13 آگسٽ جي رات جو ڏوھاري ٽارگيٽ ڪري سينئر صحافي جان محمد مھر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا ۽ ڪيس ۾ گھربل مُک جوابدار اڄ تائين گرفتار ناھين ٿي سگھيا ھنن چيو ته معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي انشاءالله قانوني سزا ڏياري ڦاھي جي ڦندي تائين پھچائڻ تائين جدوجھد جاري رکنداسين. اسان نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته معصوم نيگري پريا ڪماري سميت سنڌ مان اغوا ٿيل سڀني مغوين کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي.