ڪشمور ضلعي اندر صحت ۽ تعليم جي حوالي سان ايم اين اي سردار علي جان مزاري ايم پي اي حاجي عبدالرئوف خان کوسو ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور امير فضل اويسي جي اڳواڻي ۾ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ صحت ۽ تعليم سان لاڳاپيل عملدارن ۽ ضلعي اندر صحت ۽ تعليم تي ڪم ڪندڙ فلاحي اينجيوز جي عملدارن ۽ معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پهرين مرحلي اندر صحت جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پاران صحت جي ملندڙ سهولتن بابت بريفينگ ڏني وئي . ڪشمور تعلقه اسپتال اندر ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي غير موجودگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڊي ايم کي جلد رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هن صحت کاتي جي عملدارن کي حڪم ڏنو ته سڄي ضلعي اندر مڇرن جي آزار کي ختم ڪرڻ لاء اسپري جو پلان جوڙي جلد اسپري ڪرائي وڃي صحت عوام جو بنيادي حق آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي . تنهن کان بعد تعليم کاتي جي عملدارن سان ڊي آر او سي گڏجاڻي ٿي، گڏجاڻي ۾ سي ايم او علي رضا شاه ڊي او سيڪينڊري، پرائمري مڙهني ٽي اوز ۽ تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي گڏجاڻي دوران غير حاضر استادن، اسڪولز اندر بنيادي سهولتون هجڻ بند پيل اسڪولز ۽ ٻين مسئلن تي غور وچار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي گڏجاڻي سان خطاب ڪندي ايم اين اي سردار علي جان جو چوڻ هو ته تعليم کاتي جي ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ ۽ مانٽرينگ ٽيم پاران غير حاضر استادن توڙي عملي جي غير حاضري جي انگ اکر رڪارڊ فراهم ڪجن ته جئين غير حاضر استادن ۽ عملي خلاف سخت قدم کنيا وڃن تعليم جي سڌاري لاءِ ھر ممڪن اپاءَ ورتا ويندا تعليمي کاتي جا عملدار اسڪولز ۾ استادن ۽ شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءَ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن سرڪاري اسڪولز ۾ تعليم وڌيڪ بھتر ٿي سگھي