صدر، وزيراعظم ۽ خالد مقبول صديقي جو ڀروسو حاصل آهي، جيستائين عهدي تي آهيان عوام جي خدمت ڪندو رهندس: ڪامران ٽيسوري

 سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو پنهنجي تبديلي جي هلندڙ خبرن تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته صدر، وزيراعظم ۽ خالد مقبول صديقي جو ڀروسو حاصل آهي، عهدا ايندا ويندا آهن، جيستائين گورنر جي عهدي تي آهيان عوام جي خدمت ڪندو رهندس. هن چيو ته گورنر هائوس جا دروازا عام شهرين جي لاءِ به کليل آهن، گورنر هائوس کي يونيورسٽي ٺاهڻ جي دعويٰ ڪنهن ٻئي جي هئي. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي جي تعمير تي ڪم جاري آهي، اسان جيڪي واعدا ڪيا انهن کي پورو ڪري ڏيکاريو، ليپ ٽاپ ۽ مفت راشن ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندس.