صدر آصف زرداري سان چيني سفير جي ملاقات، خطي ۾ امن لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو ارادو

 صدر آصف علي زرداري سان چيني سفير اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي ۾ امن جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب چيني سفير جيانگ زائي دونگ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڳالهيون ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معيشت، ثقافت ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ جا وڏا موقعا موجود آهن. هن چيو ته خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پاڪستاني عوام پنهنجي ڀاءُ چين جي مستقل حمايت تي ٿورائتو آهي، چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. انهي موقعي تي چيني سفير صدر آصف زرداري جي ايندڙ سالگره تي صدر شي جن پنگ طرفان دلي نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو.