صدر آصف زرداري ۽ نوازشريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت معاشي استحڪام جي ڪوشش ڪري رهي آهي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ نوازشريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت معاشي استحڪام جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي سنڌ جي گورنر سان گڏ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني. انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته دشمن نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر اسان گڏ آهيون ته ملڪ کي ترقي يافته بنائي سگهون ٿا، صدر آصف علي زرداري ۽ نوازشريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت معاشي استحڪام جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ جمهوريت جي شهيدن کي ياد رکڻ گهرجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنايو، شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل پروگرام ڏنو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت غيرقانوني رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ پرعزم آهي، غير قانوني رهندڙ افغانين  جي سڃاڻپ ڪري ڪڍيو ويو هن وقت به انهي تي ڪم جاري آهي. انهي موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته اڄ پاڪستان مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان سڀ گڏجي محنت ڪري رهيا آهيون ڪوشش آهي ته پاڪستان کي اتي وٺي اچون جنهن جو خواب قائداعظم ڏٺو هو، اسان مشڪل دور مان گذري وينداسين، ملڪ ضرور ترقي ڪندو. هن چيو ته دوست ملڪ هن وقت مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن پر ٻاهريون طاقتون پاڪستان کي صحيح رستي تي وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ تيار بيٺل آهن ڪرم جي واقعن ۾ به ٻاهريون هٿ ملوث آهي. ڪامران ٽيسوري چيو ته سپه سالار ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. اسٽاڪ ايڪسچينج ترقي طرف گامزن آهي، وياج جي شرح به گهٽ ٿي رهي آهي.