صدر آصف علي زرداري آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته صدر آصف علي زرداري سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ تجويزون آڻڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته 10 مئي کان آزاد ڪشمير ۾ سستي بجلي ۽ سستي اٽي جي فراهمي لاءِ احتجاج ۽ هڙتال جاري آهي. هڙتال ۽ احتجاج جي اڄ ٽئين ڏينهن آزاد ڪشمير ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز آفيسون ۽ تعليمي ادارا بند آهن. ڪالهه احتجاج دوران مڇريل مظاهرين ۽ پوليس آمهون سامهون ٿي ويا هئا جنهن دوران پٿراءُ جي جواب ۾ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي هئي. مظاهرين مهانگي بجلي نامنظور، مهانگو اٽو نامنظور جا نعرا لڳايا. ضلعي انتظاميه ميرپور ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏي آهي. مظاهرين سان چڪرين دوران گولي لڳڻ سبب زخمي اي ايس آءِ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو هو.