صدر آصف علي زرداري امن امان بابت اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

صدر آصف علي زرداري امن امان بابت اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري امن امان بابت اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سميت انٽيليجنس اختياريون شرڪت ڪنديون. ذريعن ٻڌايو آهي ته امن امان بابت اجلاس بلاول هائوس ۾ شام 4 وڳي منعقد ٿيندو جنهن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ امن امان جي صورتحال تي آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏيندو.