صدر جي صحيح کان پوءِ آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل قانون بڻجي ويو

صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي مدو ختم ٿيڻ کان اڳ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي منظوري ڏني هئي ياد رهي ته سينيٽ ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو ويو ته ان وقت اپوزيشن سان گڏ حڪومتي اتحادي به ڪاوڙجي پيا هئا، پيپلز پارٽي جي رضا رباني ڪيترن ئي بلن جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون هيون پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي  ايم ڪيو ايم پاڪستان، نيشنل پارٽي ۽ پي ڪي ميپ کان علاوه مسلم ليگ(ن) جي ڊاڪٽر افنان الله سميت ڪيترن ئي سينيٽرز بل جي خلاف احتجاج ڪيو هو جنهن تي سينيٽ چيئرمين ميمبرن جي احتجاج تي قائمه ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو هو سينيٽ ۾ آفيشل سيڪريٽريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ مان ڪجهه تڪراري شقون ڪڍي ٻيهر پيش ڪيو ويو جنهن کي سينيٽ مان منظو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي به ترميم ٿيل بل جي منظوري ڏئي ان کي قانون بنائڻ جي لاءِ سمري ڏانهن اماڻي ڇڏي هئي