آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽيمي بروس واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان کي اميد آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت جي پراڻن اختلافن کي به حل ڪري وٺندو. ترجمان چيو ته حيران ٿيو، جيڪڏهن صدر ٽرمپ ڪنهن معاملي کي حل ڪري وٺي، دنيا انهي کي سڃاڻي ٿي اهو واحد شخص آهي جيڪو ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهي ٿو. پريس بريفنگ ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ٽيمي بروس چيو آهي ته صدر ٽرمپ عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مختلف تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته تازو ئي انڊر سيڪريٽري ايلبس ٿي بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستاني سفارتي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ڀارت جنگبندي جي حمايت جو ارادو ڪيو ويو. ترجمان چيو ته شڪر آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ٿي چڪي آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته اهو استحڪام اڳيان به برقرار رهندو. ٽيمي بروس چيو ته پاڪستاني وفد سان ملاقات ۾ دهشتگردي جي خلاف تعاون ٻطرفي لاڳاپن، ۽ علاقائي سلامتي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. هن اعتراف ڪيو ته تازو آمريڪا ۾ غيرقانوني پناهگيرن جا پرتشدد مظاهرا ڏٺا ويا جنهن سبب صدر ٽرمپ سرحدي سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪي روڊن تي ڏوهاري عناصر ۽ غيرقانوني پناهگيرن کي صاف ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ٽيمي بروس واضح ڪيو ته فلسطين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ترجمان چيو ته پنج امدادي ادارن تي حماس جي حمايت جي بنياد تي پابنديون لڳايون پيون وڃن. صدر ٽرمپ غزه جي صورتحال تي تجويزون طلب ڪيون آهن ڇو ته حماس نه ته مغوين کي آزاد ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي وري هٿيار ڦٽا ڪري رهيو آهي. ايران بابت سوال تي هن چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، جڏهن ته يوڪرين روس جنگ جي خاتمي جي لاءِ به آمريڪا پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٽيمي بروس نائب صدر وينس ۽ پرڏيهي وزير روبيو جي ڪردار تي به ٿورو ادا ڪندي چيو ته اهو هڪ دلچسپ وقت آهي جيڪڏهن اسان ڪنهن مخصوص تڪرار ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچي وڃون.