صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٿيندڙ قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڳوڻي آمريڪي صدر تي حملي جو ٻڌي گهرو صدمو پهتو آهي سياست ۾ تشدد جي ڪابه جڳهه نه آهي، هن ڊونلڊ ٽرمپ جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. جڏهن ته حملي ۾ انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف به اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جي مذمت ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سياسي عمل ۾ هر قسم جو تشدد مذمت جوڳو آهي. هن مشڪل وقت ۾ اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڊونلڊ ٽرمپ جي خاندان سان گڏ آهن. ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ سان پيش ايندڙ واقعي تي عالمي اڳواڻن به رد عمل ڏنو آهي. برطانوي وزيراعظم سر ڪنير اسٽارمر، جاپي وزيراعظم قوميو ڪيسيڊا ۽ يورپي يونين پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل به هر قسم جي سياسي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جاپاني وزيراعظم قوميو ڪيشيدا ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو به ٽرمپ جي حفاظت ۽ صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنسلونيا جي علائقي بندر ۾ منعقد ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب لاءِ اسٽيج تي موجود هو ته ان وقت فائرنگ جو واقعو پيش آيو ۽ گولي ظاهري طور تي ٽرمپ جي ڪن وٽان ڪراس ڪندي نڪري وئي جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو پر ان جي جان محفوظ رهي، جڏهن ته ٽرمپ جي محافظن جي فائرنگ سبب حملي آور مارجي ويو