صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف 13 جولاءِ يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڄمي ويندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ايوان صدر طرفان ميڊيا کي جاري ڪيل پڌرائي ۾ صدر آصف علي زرداري يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي انهن 22 عظيم ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي جن 13 جولاءِ 1931ع تي سيري نگر جيل جي ٻاهران ظلم، جبر جي خلاف حق آزادي جي خاطر پنهنجي حياتين جا نذرانه پيش ڪيا. صدر چيو ته اڄ ڪشميري عوام جنهن عظيم جدوجهد کي اڳيان وڌائي رهيا آهن، اها انهن ئي 22 شهيدن جي قربانين جو تسلسل آهي، شهيدن جي جانثاري ڪشميري قوم جي دلين ۾ آزادي جي جيڪا شمع ٻاري اها اڄ به روشن آهي آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي بهادري، ارادن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جيڪا ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن جي خلاف ڄمي بيٺل آهن ۽ پنهنجي آزادي جي لاءِ جدوجهد جاري رکندا پيا اچن. هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي والاريل جمون، ڪشمير کي هڪ عسڪري قيد خانو بنائي ڇڏيو آهي جتي عدالت کان مٿانهين قتل، جبري گمشدگين، سياسي قيد، آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ۽ مسلمانن جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جون سازشون جاري آهن اڄ اسان اهڙن شهيدن ۽ ٻين سمورن ڪشميرين کي سلام يپش ڪريون ٿا جن آزادي جي لاءِ پنهنجي حياتين جون قربانيون ڏنيون صدر زرداري عالمي برادري انساني حقن جي تنظيمن کان اپيل ڪئي ته اهي والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو فوري طور تي نوٽيس وٺن ۽ انهي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب حق خود اراديت حاصل نٿو ٿئي ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير هر سال 13 جولاءِ 1931ع تي انهن 22 ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ملهايو ويندو آهي جن جمون، ڪشمير جي ڊوگره فورسز جي خلاف احتجاج ڪندي پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته اهو ڏينهن ڪشمير جي مسلمانن جي موروثي استقامت، سفاڪ طاقتن جي خلاف مزاحمت ۽ غير متزلزل ارادن جي ياد دهاني جي طور تي ڪم ڪندو آهي. آزادي، انساني حقن ۽ ڪشميرين جي حقن لاءِ حياتين جون قربانيون پيش ڪرڻ جي جدوجهد جي ڪشمير جي پوري تاريخ ۾ برقرار رهي آهي وزيراعظم چيو ته ڪشميري عوام حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جائز جدوجهد جي لاءِ حياتين جا نذرانا پيش ڪندا رهيا ۽ ڪري رهيا آهيون. پاڪستان جي حڪومت، هندستان جي غيرقانوني قبضي هيٺ جمون، ڪشمير جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو اظهار ڪري ٿي وزيراعظم چيو ته اسان اهڙن سمورن ڪشميري شهيدن جي بهادري ۽ ارادن کي سلام پيش ڪريون ٿا. جن ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل هندستاني قبضي جي دوران پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان جي حڪومت، گڏيل قومن جي قراردادن جي تحت ڪشميري جي مسئلي جو حل ۽ جمون ڪشمير جي حق خود اراديت جي عزمن جو ارادو ڪري ٿو.