ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) مان نالو نڪرڻ کان پوءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي. عدالت مان اجازت ملڻ کان پوءِ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو هو.شرجيل ميمڻ اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس داخل هجڻ سبب 2017 کان پرڏيهه نه ويو هو، شرجيل ميمڻ 6 سالن کان پوءِ اي سي ايل مان نالو نڪرڻ تي پهريون ڀيرو پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي. ان کان علاوه پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو پيٽروليم بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين به پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي. ايئرپورٽ ذريعن موجب پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين پرڏيهي اڏام ذريعي لنڊن روانو ٿي ويو آهي.