اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته طالبان کي واپس آڻيندڙ چون ٿا ته اسان آپريشن ٿيڻ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير جلسن ۾ ڪجهه چئي ٿو، اجلاسن ۾ ڪجهه ٻيو. هنن جي بيانن ۾ تضاد آهي. هن چيو ته طالبان کي واپس آڻيندڙ چون ٿا ته آپريشن ٿيڻ نه ڏينداسين اوهان وٽ پلان ڪهڙو آهي؟ اينٽي ٽيررازم لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيو؟ جهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته اسان آپريشن ٿيڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وزير چيو ته سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪجهه ماڻهو غير ضروري ڳالهيون ڪري رهيا آهن، امن جي صورتحال ۽ ادارن کي هر وقت نشانو بنايو پيو وڃي، امن امان برقرار رکڻ لاءِ حڪومتي رٽ قائم ڪرڻي پوندي. عطا تارڙ چيو ته جماعت اسلامي کي لياقت باغ ۾ جلسي يا ڌرڻي جي اجازت ڏني وئي هئي، انهي جي ايس او پيز طئي ٿي هئي، اسان ملڪ جي بقا لاءِ ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون.