عالمي برادري اسرائيل کي بي گناهه فلسطنين جي قتل عام کان روڪي: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسپتال کي نشانو بنائڻ غير انساني فعل آهي ڇو ته عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو نگران وزيراعظم فلسطين تي اسرائيل جا انڌاڌنڌ حملا ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري تشدد کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻندي ذميوارن جو احتساب ڪري ۽ اسرائيل کي بي گناهه فلسطينين جي قتل عام کان روڪي ياد رهي ته اسرائيل طرفان غزه ۾ وحشياڻي بمباري جاري آهي ۽ اسرائيلي فوج طرفان اسپتال تي ٿيندڙ تازي حملي ۾ 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.