پاڪستان جي ٻارهين ۽ ملڪي تاريخ جي سڀني کان وڏي عام چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿي ويو آهي اليڪشن ڪميشن ووٽنگ جو وقت شام 5 وڳي تائين برقرار رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سمورين پولنگ اسٽيشنن جا دروازا شام 5 وڳي بند ڪيا ويندا پر 5 وڳي تائين پولنگ اسٽيشنن جي احاطي ۾ موجود ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا 6 وڳي کان پوءِ نشر ٿي سگهندا. عام چونڊن دوران قومي اسيمبلي جي 265 ۽ صوبائي اسيمبلين جي 591 سيٽن تي اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. قومي اسيمبلي جي اميدوارن جو گڏيل انگ 5 هزار 254 آهي. پنجاب مان قومي اسيمبلي جي 141، صوبائي اسيمبلي جي 296 سيٽن تي اميدوارن سياسي ميدان ۾ پنهنجي قسمت آزمائي سنڌ مان قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي جي 130 سيٽن تي پولنگ، خيبرپختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي 44 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 114 سيٽن تي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو، بلوچستان مان قومي اسيمبلي جي 16 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 51 سيٽن تي پولنگ ٿي.