استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جهانگير ترين پارٽي چيئرمين شپ ۽ سياست ٻنهي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مان انهن سمورن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جنهن هن چونڊن ۾ منهنجي حمايت ڪئي ۽ مان پنهنجن مخالفن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو هن چيو ته مان پاڪستاني عوام جي مرضي جو تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو ان ڪري مان بطور چيئرمين آءِ پي پي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي سياست کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته مان آءِ پي پي جي سمورن ميمبرن جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. الله جي فضل ڪرم سان مان ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهندس.