اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اي ايم ايس سسٽم تي ملندڙ عام چونڊن 2024 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيڪن ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن وڏي انگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته 29 سيٽن جا نتيجا اڃان رهيل آهن غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب قومي اسيمبلي ۾ آزاد اميدوار 99 سيٽن تي سڀني کان اڳتي آهن. جڏهن ته مسلم ليگ(ن) 71 ۽ پيپلز پارٽي اڃان تائين 54 سيٽون حاصل ڪيون آهن. ان کان علاوه متحده قومي موومينٽ پاڪستان 17، مسلم ليگ(ق) 3، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) هينئر تائين 2-2 سيٽن ۽ مجلس وحدت المسلمين هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي صورتحال: سنڌ اسيمبلي جي سمورين 130 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن جنهن موجب پيپلز پارٽي 84 سيٽن تان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي پنجاب ۾ مسلم ليگ(ن) حڪومت ٺاهڻ کان ٿورو ئي پري آهي جيڪا هن وقت 131 سيٽن سان ٻئي وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي. 126 آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي به 10 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي جيڪڏهن خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته 113 مان 11 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن جن ۾ 90 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جڏهن ته جي يو آءِ 7، مسلم ليگ(ن) 5، جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي 4-4 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب رهي بلوچستان اسيمبلي جي 51 مان 44 سيٽن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي 11 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ(ن) 9 ۽ جي يو آءِ 8 سيٽون کٽيون آهن. بلوچستان عوامي پارٽي 4 ۽ عوامي نيشنل، نيشنل پارٽي 2-2 سيٽون کٽيون آهن. 5 آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن.