عام چونڊون: قومي اسيمبلي ۾ آزاد اميدوار 92، (ن) ليگ 79، پ پ 54 سيٽن تي ڪامياب

اليڪشن ڪميشن کي قومي اسيمبلي جي سمورن 266 تڪن مان 264 جا نتيجا ملي ويا آهن. اين اي 88 خوشاب جو نتيجو رويو آهي جڏهن ته اين اي 8 باجوڙ ۾ پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ ڪامياب ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن سميت گڏيل تعداد 101 ٿي ويو آهي. مسلم ليگ(ن) هينئر تائين 75 سيٽن تي ڪامياب ٿي آهي جڏهن ته 4 آزاد اميدوارن مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ڪامياب اميدوارن جو انگ 54 ٿي ويو آهي ايم ڪيو ايم 17، جي يو آءِ 4، پاڪستان مسلم ليگ(ق) 3 جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي 2-2 سيتون کٽن ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. نيشنل پارٽي، بلوچستان عوامي پارٽي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي، پختونخواهه نيشل عوامي پارٽي، مسلم ليگ ضيا ۽ ايم ڊبليو ايم هڪ هڪ سيٽ کٽي سگهيا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اي ايم ايس سسٽم تي ملندڙ عام چونڊن 2024 جي حتمي ۽ سرڪاري نتيجن ۾ تحريڪ انصاف جا حمايت يافته آزاد اميدوارن وڏي انگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.